بيروت-07 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آھي ته اس??ائيل جا لبنان تي حملا عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھن، انهن حملن ۽ بمباري سبب آب??دين کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي پناھگرين واري شعبي جي سر??راه فليپو گرينڊي بيروت ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اس??ائيل طرفان لبنان تي حملن ۽ بم ڌماڪن سبب شهري آب??دي کي نشاڻو بڻايو پيو وڃي، اھا سر??سر عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي، حملن جي نتيجي ۾ شھري شھيد ۽ علائقي جو انفراسٽرڪچر (بنيادي ڍانچو) تباهه ٿي رھيو آھي. ھن چيو ته سموريون ڌريون غزه ۽ لبنان ۾ ان تباھي کي روڪين، هڪ اندازي مطابق لبنان ۾ اس??ائيلي بمباري سبب ھيستائين 12 لک شھري لڏپلاڻ تي مجبور آھن. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه ۾ اس??ائيلي جنگ کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ امن جي اپيل جو ورجاءُ ڪيو آه??. پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ هن چيو آه?? ته 7 آڪٽوبر غزه ۾ اس??ائيل طرفان فلسطينين جي نسل ڪشي جي خوفناڪ واقعن تي قدرتي طور تي ڌيان ڏيڻ جو ڏينهن آه??. هن سمورن متاثرن ۽ سندن پيارن سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گڏيل قومن جي سر??راهه لبنان ۾ اس??ائيلي حملن ۽ بمباري تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ 10 لک کان وڌيڪ پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور آه??. هن چيو ته گذريل سال غزه ۾ اس??ائيل جي خوفناڪ حملن کانپوءِ شروع ٿيل جنگ انساني زندگين کي تباهه ڪري ڇڏيو آه?? ۽ عزه ۾ فلسطينين ۽ هاڻي لبنان جي ماڻهن کي شديد انساني ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آه??. واضح رهي ته غزه ۾ اس??ائيلي جارحيت دوران 41825 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آه?? جن ۾ اڪثر عورتون ۽ ٻار شامل آه??. جنگ دوران 17 لک کان وڌيڪ ماڻهو مقامي طور تي بي گهر ٿي چڪا آه??.
لبنان تي اسرائيل جي بمباري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آھي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria