اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزي?? سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وفاقي ڪابينا سيپٽمبر مهيني جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي موجوده قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٽيڪس معاملن ۾ گڏيل انتظامي مدد بابت 14 سيپٽمبر 2016ع تي پيرس ۾ او اي س?? ڊي تحت گهڻ رخي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزي?? سينيٽر پرويز رشيد پڻ ان موقعي تي موجود هو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي پائيدار ترقياتي هدفن جي پروگرام، ٻٽن ٽيڪسن کان پ??سو ڪرڻ ۽ آمدني تي ٽيڪس جي حوالي سان مالياتي چوري کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدي تي صحيحن جي لاءِ ٽئين پ??وٽوڪول ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني آهي، آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٻٽي ٽيڪس کان پ??سو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرثاني ۽ شروعاتي مسودي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا ٽيڪس قانون ترميمي آرڊيننس 2016ع ۽ پيٽروليم مصنوعات تي س??لز ٽيڪس جي تعين جي پڻ منظوري ڏني.
ڪابينا پيٽروليم مصنوعات جي قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : apostas quina