اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سيڪيورٽي جي معاملن تي سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي موقف کي هڪ طرف رکي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. سينيٽ ۾ ڪوئيٽا سانحي ۽ مردان سانحي تي بحث سه??ڙيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته ڪوئيٽا سانحو ۽ مردان سانحو افسوسناڪ آهن، ان حوالي سان ايوان ۾ ڪجهه ت??ز ڳالهايو ويو، ميمبرن تفصيل سان ڳالهايو پر ڪجهه اهڙيون شيون به هيون جن تي ڳالهايو ويو، جيڪي هن مسئلي سان لاڳاپيل ئي نه هيون. هن چيو ته آئون سڀني جي راءِ جو ??حت??ام ڪريان ٿو، بدقسمتي سان ڪجهه اهڙيون شيون هونديون آهن جن جو اظهار ٿي ويندو آهي ۽ اهي چٽي ??ين??ن وانگر ظاهر به ٿي وينديون آهن، انهن ٻنهي سانحن جي آئون پرزور مذمت ڪريان ٿو.
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل