ڍاڪا -02 آڪٽوبر (اي پي پي) بنگلاديش جي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي علاج لاءِ پرڏ??هه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ڍاڪا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون واري وزير بڌايو ته حڪومت سندس پرڏ??هه وڃڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي ۽ جيل مان آزادي جي ايگزيڪيوٽو آرڊر کيس سياست ۾ حصو وٺڻ ۽ طبي سار سنڀال لاءِ پرڏ??هه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا جي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي وڪيل قيصر ڪمال حڪومتي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته 78 ورهين جي پيرسن اڳوڻي وزيراعظم کي پرڏ??هه وڃڻ کان روڪڻ سياسي انتقام آهي، جنوري جي پڇاڙي ۾ بنگلاديش ۾ عام چونڊون ٿينديون، ڪيترن ئي اولهه جي حڪومتن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ملڪ ۾ سياسي ماحول تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. 2008ع ۾ خالده ضيا کي ڪرپشن جي الزام ۾ 17 سال قيد جي سزا ٿي هئي. گهر ۾ نظربند ٿيڻ کان اڳ هن 2 سال جيل ۾ به گذاريا، هن پنهنجي خلاف لڳايل الزامن کي رد ڪي?? هو. اڳوڻي وزيراعظم جي ڊاڪٽر چيو آهي، ته آگسٽ کان وٺي خالده ضيا جگر جي بيماري، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ۽ شگر جي ڪري اسپتال داخل آهي. کيس دل جي بيماري، سنڌن ۽ گوڏن ۾ پڻ تڪليف آهي. گذريل مهيني خالده ضيا ج?? ڪٽنب حڪومت کي خط لکي?? هو جنهن ۾ علاج لاءِ پرڏ??هه وڃڻ جي اپيل ڪئي هئي.
بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالده ضيا کي پرڏيهه ۾ علاج لاءِ وڃڻ کان روڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری