تل ابيب-26 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيل جي حڪومت آمريڪا جي سڀ کان وڏي سيمي ڪنڊڪٽر چپ مينيوفيڪچرر ڪمپني انٽيل کي ملڪ ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري تي 3.2 ارب ڊالرن جي گر??نٽ ڏيڻ جو ??علان ڪيو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق انٽيل هلندڙ ??ال جون ۾ اسرائيل جي ڏکڻ حصي ۾ 25 ارب ڊالر جي لاڳت سان نئين چپ پلانٽ جي تعمير جو ??علان ڪيو آهي اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو انٽيل جي ان فيصلي کي بي مثال قرار ڏيندي چيو آهي ته هي اسرائيلي ۾ ڪنهن پرڏيهي ڪمپني جي هاڻ تائين سڀ کان وڏي سيڙپڪاري آهي. واضح رهي ته 182 ارب ڊالرن کان وڌيڪ اثاثا رکندڙ ??مريڪا جي ملٽي نيشنل ڪمپني انٽيل جون 1974ع کان پوءِ اسرائيل ۾ مختلف هنڌن تي 3 تحقيقي ۽ ترقياتي مرڪزن سان گڏوگڏ ڪريات گاٽ ۾ هڪ مينيوفيڪچرنگ پالنٽ به قائم ڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون