ابوظھبي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارات پاڪستان ۾ ڪر??چي هوائي اڏي ويجھو روڊ تي ٿيل د??شتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ ٻه چيني شھري فوت جڏھن ته ڪجهه بيگناھه ماڻھو زخمي ٿيا آھن. پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق گڏيل عرب امارات جي پرڏيھي وزرات طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آھي ته گڏيل عرب امارات اهڙين مجرماڻين ڪارروائين جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ملڪي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پھچائڻ جي مقصد جي ھر قسم جي ??شد?? ۽ دھشتگردي کي مستقل طو?? رد ڪري ٿو. عرب امارات جي پرڏيھي وزارت پاڪستاني حڪومت ۽ عوام، چين جي حڪومت ۽ عوام ۽ ان دھشتگردي واري واقعي ۾ فوت ٿيلن جي گھرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظھار ڪيو ۽ سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت