اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چي?? آهي ته اسلامي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ اضافو تمام ضروري آهي، او آءِ سي جا ميمبر ملڪ پنهنجون ضرورتون اسلامي ملڪن جي مصنوعات مان پ??ريون ڪن، پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ گڏيل واپار صلاحيت کان گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن اها ڳالهه مراڪش جي عهدو ڇڏيندڙ سفير مصطفيٰ صلاح الدين سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چي?? ته واپار ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان ۽ مراڪش جي وچ ۾ غير ضروري ٽيڪسن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ته جيئن واپاري سرگرميون وڌن ۽ ٻئي قومون هڪٻئي جي و??يڪ ويجهو اچي سگهن.
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز